پيراڻو لوڪ گيت

پيراڻو (لوڪ گيت): هيءَ گيت پير پٿوري جي ساراهه ۾ چيو ويندو آهي. ان کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي تعريف ۾ چئي نٿو سگهجي. هيءُ گيت سنڌ جي مينگهواڙ قبيلي ۾ رائج آهي، ڇاڪاڻ ته مينگهواڙ ان درگاهه جا مريد آهن. سالياني ميلي (بڊي مهيني جي پهرين تاريخن) جي موقعي تي مينگهواڙ زيارت لاءِ اتي وڃن ۽ سندس ساراهه ۾ گيت چون. هن لوڪ گيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
رکيا سنڀريا ماڙي تي، ماڙي سچي سون جهرڪو لايو
آهي اسان جو پير.
اسان کي سُمريا سڏ ڏي، سو آهي اسان جو پير
آهي اسان جو پير.
مريد هليا پڙ ۾، لال پڙ اچي پولي ڇانيو.
آهي اسان جو پير.


هن صفحي کي شيئر ڪريو